عَلم وڏو

عَلم وڏو

عَلم وڏو

عَلم وڏو (ماڳ): هي وڏو عَلم خيرپور ميرس شهر ۾ لڳل آهي. ائين سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ هي وڏي ۾ وڏو عَلم آهي. 27 ذوالحج تي هي علم لاٿو ويندو آهي، جنهن کي سينگاري سنواري پهرين محرم تي وري چاڙهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ سڀئي علم سينگارڻ کانپوءِ امام بارگاهن تي ذوالحج جي 29 يا 30 تي ٻيهر چاڙهيا ويندا آهن. وڏي علم کي لاهڻ لاءِ ڪنهن زماني ۾ 30 قيدي جيل مان گهرايا ويندا هئا، جيڪي علم لاهيندا به هئا ته چاڙهيندا به هئا. اهو سلسلو 1970ع تائين هليو. 1970ع ۾ خيرپور رياست جي حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر هن علم لاءِ باقاعده ڪي اڏاوتون ڪرايون ۽ عَلم کي ٻيهر ٺهرائي جڙاوت جو ڪم ڪرايو. مير علي مراد خان انهيءَ عمارت کي عراق ۾ ٺهيل اهڙين ئي عمارتن جي نموني ٺهرايو، جنهن لاءِ هو ڪيترائي دفعا عراق ويو. وڏي عَلم جي ڪم ڪار ۽ سامان رکڻ جو ڪمرو هڪ اڏاوتي عجوبو آهي، جتي آواز جو سسٽم وڏي علم جي ٿلهي ۾ رکيل آهي. وڏي علم جو اڏاوتي ميڙ ٽڪنڊي نموني جو آهي، جنهن ۾ اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ ٽي دروازا ٺهيل آهن، جن مان ٻه وڏا آهن. جڏهن ته هڪ ننڍو آهي. هر دروازي کي پنهنجو نالو ڏنل آهي. عزادار ۽ ماتمي گهڻو ڪري مولا حسين نالي دروازي مان اندر ايندا آهن، اهو دروازو 20 فوٽ اوچو ۽ 10 فوٽ ويڪرو آهي ۽ پاڻ مرادو کلندو ۽ بند ٿيندو آهي. ٻيو ننڍو دروازو مولا علي گيٽ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هتي اڌ گنبذي ٺهيل آهي، جنهن ۾ آوازي سلسلو اهڙو رکيل آهي، جو ڳالهاءُ سڀني طرفن هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو وڃي ٿو، هتي ڪوبه لائوڊ اسپيڪر لڳل ڪونه آهي. اهو اڏاوتي ڪاريگرن جو ڪمال آهي. هن سڄي عمارت جي سنڀال ‘پاڪ اصغريه حسيني گارڊ’ جي هٿ هيٺ آهي، جيڪي هن عَلم تي هر ڪلاڪ کان پوءِ سنڀال جو چڪر هڻندا آهن، جڏهن ته محرم جا ڏهه ئي ڏهاڙا سخت پهرو رهندو آهي. هتي سنڌ توڙي ٻين علائقن کان 9 محرم تي هزارن جي تعداد ۾ عزادار ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو